جمعو خان غريب

جمعو خان غريب

جمعو خان غريب

جمعو خان ’غريب ‘:شاعر جمعو خان ’غريب‘، 15 جنوري 1885ع تي ڳوٺ مريد خان لاکير، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم مقامي اسڪول مان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ هڪ مثالي استاد ٿي رهيو. جمعي خان جي تربيت علمي ماحول ۾ ٿي، اسڪولي تعليم توڙي ملازمت دؤران پنهنجي خداداد ذهني صلاحيتن سان فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو. شمس الدين ’بلبل‘ جي صحبت جي ڪري علم ادب ۽ شاعريءَ ڏانهن راغب ٿيو. سندس ڪلام پڪو پختو ۽ دلنشين آهي. ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتائين. محمد صديق مسافر کان شعر ۾ اصلاح ورتائين، ’انجمن آفتاب ادب‘ دادو، ’جمعيت الشعرا سنڌ‘ ۽ ’مجلس علم و ادب هالا‘ جي سرگرم ڪارڪنن مان هو. هن جي ڪلام جو معياري انتخاب ’گل نوبهار‘ جي نالي سان ڇپيل آهي، جيڪو اڳ ۾هاءِ اسڪول جي شاگردن کي ڪورس طور پڙهائڻ لاءِ به منظور ڪيل هو. 1940ع ۾ ماستري تان رٽائر ٿيو ۽ باقي سمورو وقت ادب ۽ حڪمت جي خدمت ڪندي گذاريائين. جمعو خان ’غريب‘ ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر به رهيو، جن ۾: ’اديب سنڌ‘، ’مسلمان‘ ۽ ’طالب الموليٰ‘ مخزن شامل آهن. خان غريب'>جمعو خان غريب ’قطع تاريخ‘ ڪڍڻ جو ماهر هو ۽ هزارين تاريخي مادا ڪڍيائين. سندس ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب ’گلِ نؤبهار‘ 1933ع ۾ ڇپيو هو. هن 7 آگسٽ 1953ع ۾ وفات ڪئي .


لفظ جمعو خان غريبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1885.01.15  عيسوي

جمعو خان ’ غريب ‘ ، 15 جنوري 1885ع تي ڳوٺ مريد خان لاکير ، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو .


1953.08.07  عيسوي

جمعي خان ’ غريب 7 آگسٽ 1953ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفر مخدوم بوبڪائي
حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو
اويس قرنيِ حضرت
برڪت علي ڀٽ
شبير حسن گبول
دائود سيوستاني
شيخ اسحاق ملا اربعائي
سيد شوڪت علي شاهه عرف بابو شاهه
اختر بخاري
عالمچند ڪولهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون